سامي سج وڙاءُ

سامي سج وڙاءُ

سامي سج وڙاءُ

سامي سج وڙاءُ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب شيخ اياز جي وفات کانپوءِ شايع ٿيل مضمونن، ڪالمن ۽ تاثرن تي مشتمل آهي، جن کي نصير مرزا سهيڙي خوبصورت ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪرايو آهي. ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل نامياري مصور خدا بخش ابڙي جو تيار ڪيل آهي، ڪتاب جو انتساب شيخ اياز جي نياڻين ۽ پٽن کي ڪيو ويو آهي، ان بعد شيخ اياز جو مشهور نظم ’سوچئين تون متان مون مٿان مقبرو‘ ڏنو ويو آهي، ان کانپوءِ نصير مرزا ڏي شيخ اياز جو لکيل هٿ اکري خط جو عڪس ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي هيٺينءَ ريت ورهاست ڪئي وئي آهي:
(1) مـهـاڳ کان پـوءِ سـنـڌيءَ ۾ لکيل مضمون، ڪـالـم ۽ تـاثـر، (2) اخـبـارن جـا ايـڊيٽـوريـل، (3) اديبن جا تاثر، (4) تعزيتي پيغام، (5) تعزيتي گڏجاڻين جي رپورٽ، (6) شاعرن جي ڀيٽا، (7) حصه اردو، ڪتاب ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جي اڪثر سينئر ۽ جونيئر اديبن جا تاثر، ڪالم ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آهن. آخر ۾ سراج الحق ميمڻ، امر جليل، حسن مجتبى، شيخ عزيز، عطيا دائود، آصف فرخي، اشفاق نقوي، ايس. اي اقبال، محي الدين خان، حسن عابدي جا انگريزيءَ ۾ مضمون ۽ انکانپوءِ شيخ اياز جي شاعريءَ جو آصف فرخيءَ جو ڪيل انگريزيءَ ۾ ترجمو ڏنو ويو آهي.
500 صفحن، ڊيمي سائيز ۽ پڪي جلد تي مشتمل هيءُ ڪتاب ’علي بالاج پبلشرز، حيدرآباد‘ فيبروري 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو